احمد نوراني جي رپورٽ ۾ ڪٿي به ڪرپشن جو ذڪر ناهي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيڪٽ فوڪس جي صحافي احمد نوراني آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي اثاثن بابت جيڪا خبر ڏني ان تي اسحاق ڊار حڪم  ڪيو ته اها ڊيٽا ليڪ ڪيئن ٿي، اها ڳالهه طئي آهي ته اهي ٽيڪس ريٽرن اصل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽيڪس ريٽرن بابت معلومات ليڪ ٿيڻ جو عمل قانوني آهي يا غيرقانوني آهي؟ .

سياستدان جا اثاثا ته گوشوارن ۾ ظاهر ٿي ويندا آهن، سرڪاري آفيسرن، ججن بابت اهڙي معلومات نٿي ملي انهن کي به عام شهرين وانگر ڪور مليل آهي.

باخبر صحافي موجب احمد نوراني انڪم ٽيڪس تي جيڪي دستاويز هئا انهن کي هن ڪٿي به اهو الزام ناهي هنيو ته ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اهم عهدي تي مقرر شخص جي باري ۾ سوال ته ضرور اٿن ٿا، ان جو جواب به اچڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي اهو معاملو بحث هيٺ آهي، مين اسٽريم ميڊيا تي هلڪي ڦلڪي ڳالهه هلي رهي آهي، ايف بي آر جو ادارو صحيح ٿي وڃي ته پاڪستان جون حالتون بهتر ٿي وڃن، بي نامي جائيدادن ، مني لانڊرنگ جهڙا اشو ملڪ کي پيش آهن، هاڻي ايف بي آر کي ان معاملي تي سوال اٿارڻ گهرجي.

نوٽ:انصارعباسيءَ جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.