منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم اين اي علي وزير خلاف چڙ ڏيايندڙ  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جاچ آفيسر عدالت ۾ حتمي چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.عدالت چالان پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪيو.عدالت عبوري چالان منظور ڪندي علي وزير سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو.عدالت 7 ڊسمبر تي سمورن شاهدن کي طلب ڪري ورتو.ٻئي پاسي جيل ڪمپلڪس ۾ موجود ڊهشتگردي ٽوڙعدالت پي ٽي ايم جي اڳواڻ منظور پشتين ۽ ايم اين اي محسن داوڙ خلاف چڙ ڏيايندڙ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڪيس ۾ روپوش منظور پشتين ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت 7ڊسمبر تي ڪيس ملتوي ڪري جاچ آفيسر کان رپورٽ گهري ورتي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.