مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي قتل خلاف مٺياڻيءَ ۾شٽربندهڙتال، احتجاجي ريلي

مٺياڻي (ن ع آ) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ۾قتل ٿيل مختيارڪار اعجاز چانڊيو واري واقعي خلاف مٺياڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ان موقعي تي مقتول جي وارثن، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن جو چوڻ آهي ته مختيارڪار اعجاز چانڊيو هڪ هفتو اڳ ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ لينڊ مافيا هٿان قتل ٿي ويو.ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ممتاز چانڊيو پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جي آئي ٽي جوڙڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي ڇڏيو.ايم پي اي ممتاز چانڊيو چيو ته واقعي واري ڏينهن پوليس اعجاز چانڊيو کي سڪيورٽي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.هن چيو ته مختيارڪار جي زخمي ٿيڻ جي ٻن ڪلاڪن بعد پوليس پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو، پوليس هن وقت تائين مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.