ٿي سگهي ٿو ته آرمي چيف جي مقرري جو اعلان 25 نومبر تي ٿئي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو اعلان25 نومبر تي ٿئي ته پوءِ 26 نومبر تي عمران خان جي پنڊي جلسي ۽ مارچ سان ڪهڙو فرق پوندو. پيپلز پارٽي ٻئي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ اسين اليڪشن ڪميشن جي 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ڊويزنل ۽ ضلعي صدرن جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ نه پر فرلانگ مارچ آهي ان لاءِ کيس سوچڻ گهرجي ته هن کي ڪجهه ماڻهو غلط صلاحون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پنڊي هر پارٽي وڃي سگهي ٿي پر عمران خان جو لاهور مارچ به ناڪام ٿيو ۽ هاڻي ته هو پنهنجي سڀني مطالبن تان به يوٽرن وٺي چڪو آهي ته سندس هاڻي پنڊي جلسي يا مارچ ڪرڻ جو ڪو به مقصد ناهي. ان کان اڳ نثار کهڙو جي صدارت ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن جي اجلاس ۾ 30 نومبر تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ يوم تاسيس جا جلسا ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ویو. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي 30 نومبر تي نشتر پارڪ ڪراچيءَ ۾ يوم تاسيس جو جلسو ڪندي ۽ سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پڻ 30 نومبر تي يوم تاسيس جا جلسا ڪيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.