ڏهرڪي جي ڏاڍن مڙسن اوڏ برادري کي فوتيءَ جو لاش دفنائڻ نه ڏنو !

ڏهرڪي (رپورٽ:منصور پيرزادو) ڏهرڪي جي ڏاڍن مڙسن اوڏ برادري جي فوت ٿي ويل شخص جو لاش دفنائڻ نه ڏنو، ، جتي  هنن فوتي جو مڙهه دفنايو.رپورٽ موجب  ڏهرڪي جي عظيم ڪالوني واسي اوڏ برادري جي فوت ٿيل پورهيت سڌير اوڏ جو لاش کي بااثرن پاران  قبرستان ۾ دفنائڻ کي روڪي ڇڏيو جنهن بعد فوتي سڌير جي وارثن چندو گڏ ڪري مڙهه کي ٽنڊو مستي نيو ويو ان موقعي تي فوتي سڌير اوڏ جي وارثن هريش ڪمار، پهلوان اوڏ ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته سڌير اوڏ گذريل رات فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش دفنائڻ لاءِ هو ڏهر موڙ جي اباڻي قبرستان ۾ کڻي ويا ته ڏهر برادري جي بااثرن اسان کي سڌير جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته توهان پهريان قبرستان کي چوديواري ڏياريو پوءِ توهان پنهنجي عزيزن جا لاش دفن ڪيو.هنن چيو ته اسان وٽ ايترا وسيلا ناهن، جو اسان قبرستان کي چوديواري ڏياريون، جنهن بعد چندو ڪري ميت کي ٽندو مستي دفنائڻ لاءِ منتقل ڪيو. هنن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن کان ٻيو ڪجهه به نه پر رڳو پنهنجي پيارن جا لاش دفنائڻ لاءِ قبرستان کي چوديواري ڏيارڻ لاءِ چيو پر اهو به اسان جو ڪم نه ٿي سگهيو جنهن  ڪري اسان پنهنجي پيارن جا لاش ايڏو پري دفنائڻ تي مجبور آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.