اڪري جي ڳوٺاڻن پاران برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف ڌرڻو

اڪري چودڳي  (ن ع آ) اڪري چودڳي ڀرسان يوسي جعفر خان جلالاڻي جي ڳوٺ هوند علي شر، نياز آباد،  ابراهيم خاصخيلي، انب فقير مڱڻهار، محمد نواز شر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن مهراڻ هاءِ وي کي هڪ ڪلاڪ تائين بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙ اي سي ٺري ميرواھ عبدالباسط هڪڙو خلاف سخت نعريبازي  پڻ ڪئي ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته بخش علي شر، فقير لقمان شر، اظهر علي، سهيل خاصخيلي، نادر علي، قربان علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيدي چيو ته چار مهينن کان لڳاتار پاڻي بيٺل آهي زمينن ۾ ڪڻڪ، گاهه توڙي ٻيا فصل ٿيڻ ته مشڪل آهن پر گهرن ۾ به 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، معصوم ٻارڙن سميت واهن ۽ روڊن جي ڪپرن تي سردي جو موسم هجڻ باوجود کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن دانهيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه وٽ ڪيئي ڀيرا دانهيو آهي ته پاڻي نيڪال ڪرائي ڏيو پر ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي هنن  وڏي وزاير ، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اي سي ميرواھ خلاف ڪارروائي  ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري پريشانين کان بچايو وڃي، ايس ايڇ او مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري  انصاف جي  خاطري بعد روڊ کولي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.