ڏهرڪي لڳ نوجوان پر اسرار نموني گم، وارثن کي اغوا شڪ

ڏهرڪي   ( ت ر ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ غلام علي ڏهر واسي 16 سالا نوجوان زيشان حيدر پٽ شبير احمد ڏهر گذريل ڏينهن گهران شهر دوڪان تي ايندي رستي مان پراسر نموني گم ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ گم ٿيل نوجوان جي پي شبير ڏهر جو چوڻ آهي ته سندس پٽ زيشان حيدر ڏهر جيڪو شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي دوڪان تي ڪم ڪندو آهي جيڪو گذريل ڏينهن دوڪان تي وڃڻ جو گهران  چئي نڪتو آهي ته پوءِ واپس ناهي موٽيو جڏهن ته دوڪان مالڪ جو پڻ چوڻ ته زيشان ڏهر دوڪان تي ناهي آيو هن چيو ته اسان جي گهڻي ڳولا باجود زيشان جو اسان کي هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو جنهن جي ڪري اسان کي خدشو آهي ته سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.