بلڙي شاهه ڪريم ۾ نويد قمر جي هدايت تي اٽي جا اسٽالز قائم

بُلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي سيد قاسم نويد قمر جي ھدايتن تي فوڊ انسپيڪٽر مھتاب شاھ ڊي ايف سي يو  اسامه قاسمي ۽ ان جي سموري ٽيم جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي سان سلهاڙيل مختلف شهر ٽنڊو محمد خان تعلقه ٽنڊو غلام حيدر  مويا بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين ھنڌ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي غريب عوام ۾ سستو اٽو ورھايو ويو ، انھي سلسلي ۾ فوڊ انسپيڪٽر مھتاب شاھ صحافين کي ٻڌايو تہ وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي سيد قاسم نويد قمر جي ھدايتن تي گذريل ھڪ مھيني کان غريب عوام ۾ سستي اٽي جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي جيڪو اڃان بہ جاري رھندو جيئن عوام سستو اٽو خريد ڪري پنھنجي ٻچڙن کي کارائي سگھي ھن چيو تہ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح اھا آھي ته  سنڌ جي غريب عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ھميشه سنڌي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ انشاءالله اڳتي بہ ڪندي رھندي.

  • کپرو ۾ حد دخليون وڌي ويو، ٽريفڪ جام شهري پريشان

کپرو(رپورٽ اسلم بوزدار) کپرو شهر ۾ هڪ دفعو وري حڌ دخلين ۾ اضافو ٿي ويو مين روڊ سميت گليون سوڙھيون ٿي ويون ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر آئي اسڪولي شاگردن کي اسڪول وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون  شهري ٻٽي عذاب ۾ ،  ڪاروباري علائقن ۾ اسٽالن، چنگچي رڪشن  ۽ لوڊر  رڪشن  هلائيندڙن جي حد دخلين سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي   تفصيل موجب!  کپرو شهر جي مختلف ڪاروباري ۽ تجارتي علائقن ۾ آٽو رڪشا، چنگچي رڪشا جا پاڻمرادو اسٽينڊ قائم ٿي ويا آهن، ٻئي طرف اسٽالن ۽ ٽٽل روڊن شهرين جو گذر سفر به مشڪل بنجي ويو شهر ۾ حڌ دخلين ۾ اضافو ٿي ويو دوڪاندارن پاران  پاڻ مرادو دوڪان ٻاهران بينچون ۽ ڦٽا لڳائي مين روڊ ۽ گليون شاهي بازار جا رستا سوڙھا ڪري ڇڏيا شھرين کي وڏيون مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون شھر جي سونهن خراب ٿي ويئي  ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي جنھن جي ڪري شهرين جو گذر به ناممڪن بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.