ڏيپلي ۾ ڊينگي بخار جا ڪيس وڌڻ لڳا، هفتي ۾ 18 ڪيس ظاهر، اسپتال ۾سهولتون اڻلڀ

ڏيپلو(ن ع آ ) ڏيپلو شهر  ۾ ڊينگي بخار جا ڪيس وڌڻ لڳا ، هڪ هفتي ۾ ڊينگي پازيٽو جا 18 ڪيس ظاهر، تعلقه اسپتال کي ڊينگي بخار جي ٽيسٽ ڪٽون نٿيون ملن، غريب عوام پرائيويٽ ليبارٽرين تان ٽيسٽ  ڪرائڻ تي مجبور. خبر موجب ڏيپلو شهر ۾ برساتن کانپوءِ وقت سر مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو جنهن سبب سوين ماڻهو مليريا بخار ۾ مبتلا هجڻ سميت ڊينگي وائرس به جا ڪيس وڌڻ لڳا. تعلقه اسپتال ڏيپلو ۾ مليريا جي علاج سميت ڊينگي بخار جي ٽيسٽ ڪرڻ واريون ڪٽون به نٿيون ملن، جو غريب عوام ٽيسٽ ڪرئي سگهن. غريب عوام پرائيويٽ ليبارٽرين تان ڊينگي بخار جي ٽيسٽ ڪرائڻ تي مجبور آهن. ڏيپلو شهر ۾ ٿرپارڪر سوشل آرگنائزیشن پاران قائم ڪيل ليبارٽري جي رپورٽ مطابق هلندڙ هڪ هفتي دوران ڊينگي بخار جا 18 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ اهي سڀ مريض ڏيپلو شهر جا رهواسي آهن. جن ۾ محمد اسماعيل بجير، عبدالرزاق جوڻيجو، اسماعيل جوڻيجو، مسز نياز، اويس پاڙهو، ماريت سومرو، عطاء اللہ لنڊ، شيلا ميگهواڙ ،مدثر پاڙهو، مسز اياز، حيدر بخش، انعام الله، عابد، گلزار پاڙهو سميت 92 ونگ ڏيپلو جا تيمور، نصرالله، عاطف، اُسامہ ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته روزانا بخار ۾ مبتلا ڪيترائي مريض پرائيويٽ ليبارٽرين تي ٽيسٽ ڪرائيندا آهن. ان کان علاوه ڪافي ماڻهو مٺي، حيدرآباد ۽ بدين مان ٽيسٽون ڪرائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته تعلقه اسپتال ڏيپلو ۾ ٽيسٽن جي ڪا به سهولت مهيسر نه آهي ان ڪري غريب ماڻهو مجبور ٿي ڪري پرائيويٽ ليبارٽرين مان ٽيسٽ ڪرائيندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.