مانجهند اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي، مريضن جو علاج نه ٿيو، احتجاج

مانجهند (ن ع آ)مانجهند جي  تعلقي اسپتال ڪوس گهر بڻجي وئي، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مانجهند ديدار حسين کوسو سندس  نياڻي کي بي هوشيءَ واري حالت ۾ اسپتال پهتو ته ٻه ڪلاڪ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڳوليندو رهيو پر ڪنهن به سندس مريض نياڻي تي ڌيان نه ڏنو. جنهن خلاف احتجاج ڪندي هن دانهيون ته اسپتال ۾ ڪا به سهولت ميسر نه آهي، مليريا بخار سميت ڪابه ٽيسٽ نٿي ٿئي، ايڪسري مشين  ۽ ليبارٽرين جو ڪم بند پيل آھي، دوائن جي کوٽ آھي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر ۽ عملي لاپراهي جو مظاهرو ڪري پاڻ ۾ ڪچهريون پيا ڪري رهيا آهن. مانجهند لڳ ڳوٺ گل محمد لاشاري جي رهواسي عبدالطيف حاجاڻو پنهنجي معصوم پٽ کي اڌ رنگ بيماري جي جهٽڪن سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي پهتو پر ڪابه واهر نه ٿيڻ خلاف انتظاميا کي پٽون پاراتا ڏيندي ٻڌايو ته اسپتال عملي جي غفلت سبب سندن اڳ به ٻه ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن پر انتظاميا طرفان ساڳئي روش جاري آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نااهل انتظاميا کي هٽائي وڃي ۽ ايماندار ۽ فرض شناس عملو مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.