جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد شھر مان امن جو پکي اڏامي ويو آھي، ڪچي جهڙيون حالتون، عوام جي جان و مال جو حفاظت هڪ خواب بڻجي ويو آھي، وچ بازار ڳتيل آبادي واري علائقي سٽي ٿاڻي جي حد امام ميڊيڪل سينٽر ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ٽن ڪلاشڪوفن سان موٽرسائيڪل سوار ڦورن شھري عمران لاشاري کان هٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل  ڦري آساني سان فرار ٿي ويا، پوليس غائب، ٻئي پاسي شھر جي سڄاڻ ڌرين چيو ته  ڪجھه ڏينهن اڳ شهر جي هندو ڪميونٽي جا مختلف خاندان ڀتا خورن کان بيزار ٿي شھر جي زمين کي چميون ڏيندي روڄ راڙون ڪندي انڊيا ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا آھن، اهڙي بيچيني واري صورتحال ۾ شھر جي سڄاڻ ڌرين آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي جيڪب آباد کان معاملي جي نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.