فريدآباد روڊ جا ڪَٽ بند ٿي نھ سگھيا، ٻيڙين تي سفر

فريدآباد (ن ع آ) شديد برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ فريدآباد روڊ جو گھارو بند ٿي نه سگھيو، ھزارين ٻوڏ متاثرن ڳرا ڀاڙا ڀري ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ڪرڻ لڳا. فريدآباد جي رهواسين، شفيق احمد چني، علي عباس چني، فقير رستم چانڊيو، خادم ڏيرو ۽ ٻين چيو ته ، فريدآباد يوسي، خان جو ڳوٺ، يوسي چارو ۽ يوسي سيدپور جي ٻين ڳوٺن جا لکين ٻوڏ متاثرين بي يارو مددگار بڻيل سخت سيءُ ۾ ٽينٽ، راشن ۽ جياپي جو ٻيو ضروري سامان ملي نه سگھيو آهي. مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون لڳي سگھيون آھن. هنن وڌيڪ مسڪين ماروئڙا سخت پريشان آھن سياري جي موسم ۾ اھنج ويتر وڌي رھيا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزيرٰ سيد مراد علي شاھه، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي دادو کان گھر ڪئي ته فريدآباد روڊ جا ڪٽ جلد کان جلد بند ڪرايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثرين کي راشن، ٽينٽ ۽ ضروري سامان مهيا ڪيو وڃي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.