تنگواڻي جي عدالت ۾ 5 جوابدارن کي قيد ۽ پوڻا 3 لک ڏنڊ

تنگواڻي ( ن ع آ) تنگواڻي جي سول ڪورٽ ڏوهه ثابٿ ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي سال قيد ۽ پوڻا 3 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو. جوڊيشل ميئجسٽريٽ سول جج منور علي پيرزادو جي عدالت جهيڙي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن محمد شريف ملڪ، محمد حنيف ملڪ، محمد عارف عرف محمد حريف ملڪ، قلندر بخش ملڪ، حسين بخش عرف غلام حسين کي هڪ سال قيد ۽  پوڻا 3 -3 لک ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي سب جيل ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيوويو، ياد رهي ڳوٺ رسول آباد رهواسي 2 مهينا اڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.