مڇيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ تلاءَ ٺهرايا ويندا: صديق ڪلهوڙو

ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز پاران ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد  صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ 9 نوان جاب اورينٽيڊ شعبا شروع ڪيا ويا آهن، جن جي مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي گهرج آهي. نوجوان فرانزڪ اڪائونٽ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ، ڊيٽا سائنسز، پبلڪ هيلٿ، انگلش لينگويج ٽيچنگ، اڪنامڪس اينڊ فنانس ۽ ڪوسٽل اينڊ ميرين سائنسز ۾ 4 سالا بي ايس ڊگري مڪمل ڪري اهم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ذريعي گُر سکي ڪامياب ڪاروبار پڻ ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز شعبي جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون موجود هئا. تقريب کي ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  • اڏيرو لعل وليج ۾ ڪورٽ ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

آڏيرولعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي ) اڏيرولعل جي ڳوٺ پنيو خدري جي رهواسي پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مسمات ياسمين دخترعبدالرزاق ڪاڀورو پنهنجي مڙس وقاص ولد صلاح الدين عباسي سان  گڏ اڏيرولعل پريس ڪلب سامهون تحفظ لاء احتجاج ڪيو هن چيو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن پنهنجي مرضي سان وقاص عباسي سان شادي ڪئي آهي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل مامري جو نوٽس وٺي مونکي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.