ڀرياسٽي لڳ سوين گهر برساتي پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻن ٻوريون کولي ڇڏيون

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ڀرياروڊ لنڪ روڊ ڳوٺ  درياخان جلباڻي وٽان سوين ڳوٺاڻن پنهنجي مدد برساتي پاڻي جون سرڪاري  ٻئي  ٻوريون کولي ڇڏيون ڳوٺاڻن حاجي ذوالفقار جلباڻي ڊاڪٽر نور جلباڻي عبدالسميع خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته برسات کي  گذري چار مهينا ٿي ويا آهن پر سوين گهر  هن وقت به پاڻي جي لپيٽ آهن ٻچا دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن، سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون ڪير به ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه جي خلاف پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو پر انتظاميه ڪو به تحرڪ نه ورتو هاڻ پنهنجي مدد پاڻ تحت بااثرن پاران هٿ سان سرڪاري ٻوريون بند ڪيو ويون هيون ته جئين اسان پنهنجون زرعي زمينون بچائي سگهون،  جيڪي اسان پاڻ کوليون آهن ته جئين ڪجهه گهرن جي آبادي مان پاڻي مان نڪري سگهي، اسان ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه کان گهر ڪيون ٿا ته پاڻي کي روهڙي ڪينال ۾ ڊسپوز ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي سرڪاري لنگهه بند نه ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.