سڪرنڊ جي صحافي تي حملو، سخت تشدد، قلم ڌڻين جو احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ جي سينيئر صحافي حافظ  طفيل جمالي تي پئسن جي ڏيتي ليتي جي مامري  تان سندس ڪپڙي جي دوڪان تي اچي ٽن ڄڻن تشدد ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صحافي حافظ طفيل ٻڌايو ته ڏيتي ليتي جي معاملي تان غلام فريد مگسي ۽ سندس گڏ ٻن نامعلوم ماڻهن مون تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي. سڪرنڊ ٿاڻي تي حافظ طفيل پاران اهڙي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ويئ آهي. ٻئي پاسي سڪرنڊ جي صحافين قربان عمراڻي ، مهتاب احمد ، عبداللطيف ، عزيز لاکو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صحافي تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري صحافين سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.