ڪشمور ۾ دل جي اسپتال قائم، 15 ڏينهن ۾ او پي ڊي جو اعلان

ڪشمور( ت ر) ڪشمور جي تعلقي اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان اين آءِ سي وي ڊي ٽيم پھچي اسپتال جي عمارت جو معائنو ڪيو.  يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ پھتل اين آءِ سي وي ڊي ٽيم ڪشمور سول اسپتال جي مختلف بلڊنگس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ او پي ڊي لاءِ قائم ٿيل بلڊنگ سامھون تعمير ٿيل بلڊنگ ۾ يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنڌرهن ڏينهن اندر مڪمل سامان آڻي ڊاڪٽرن جي ٽيم مقرر ڪري شھرين کي علاج جي سهولت مھيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو. پي پي ايل ڪمپني انتظاميا جي تعاون سان اين آئي سي وي ڊي يونٽ لاءِ الڳ ايمبولينس پڻ مھيا ڪئي ويندي. ايمرجنسي جي صورت ۾ شھرين لاءِ 24 ڪلاڪ کليل ھوندي. ان موقعي پ پ ايم پي اي حاجي عبدالرئوف کوسي وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري ڊي سي منور علي مٺياڻي ڊاڪٽر مھينڌر لعل راماڻي ڊي ايڇ او فرمان جوکيو ۽ ٻين ڪراچي کان آيل اين آءِ سي وي ڊي جي ٽيم کي سول اسپتال ڪشمور جو معائنو ڪرايو ۽ مڪمل سھڪار ڪرڻ جي يقين ڏياريو. ياد رهي ته اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري ۽ پ پ ايم پي اي حاجي عبدلرئوف کوسي جي ڪوششن سان يونٽ قائم ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.