بلڙي شاهه ڪريم ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

بُلڙي شاهه ڪريم ( ن ع آ)  بلڙي شاهه ڪريم ويجهو قادرڏنو شاهه موري جي رهواسي پورهيت اسماعيل جماري ۽ سندس ڪٽنب مقامي صحافين آڏو داهيندي ٻڌايو  ته ھڪ پھريان منجھند ٽي وڳي آبادگار پوليس جا چار پوليس اھلڪار بغير وردي جي ٻُٽ ٻڌل موٽر سائيڪل تي آيا ۽ ساڻن ٻہ ٻاهر جا پرائيوٽ غنڊا هٿيارن سان گڏ هئا جيڪي اسان جي گهرن ۾  چادر چوديواري جي تقدس پائمال ڪندي سڌو گھرن جي اندر  داخل ٿيا جن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري اسان جي گهر ۾ رکيل روڪ رقم50000 هزار ۽ سونا زيور کڻي فرار ٿي رهيا هئا ته پاسي کان پنهنجي زمين تي بيٺل مفتي س حبيب الرحمن سومرو جو فرند اسان جو زميندار حافظ حفظ الرحمٰن عورتن ۽ ٻارڙن جون دانهون ٻڌي جاءِ واردات تي پهچي ويو جنهن کان پوء آبادگار ٿاڻي جا بغير وردي جي پوليس وارا سائين جي ڪيل وٺ پڪڙ تي گهر مان کنيل روڪ رقم ۽ سون کڻي فرار ٿي ويا هنن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته اسان جنهن ڏينهن کان عالم دين مفتي حبيب الرحمن سومرو جي زمين جو هارپو ڪري رهيا آهيون ان ڏينهن کان وٺي هر ٻئي روز مقامي پوليس جي پوليس گردي جي زور تي اقتداري سياسي ڌرين اسان تي مختلف حربا استعمال ڪندي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿن، ياد رهي ته يوسي جنهاڻ سومرو ۾ جي يو آئي پينل جي حمايت ۾ لٿل مفتي حبيب الرحمن سومرو جي ھلندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پوزيشن مخالفن کان وڌيڪ مضبوط آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.