ڪنڌار ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو، اڳوڻو مکي زخمي، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ڪنڌرا ( ن ع آ  ) روهڙي جي سيدن ۽ ڪنڌرا جي ديوانن ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار تيز ٿي ويو آهي، هڪ ڌر جي ماڻهن ٻئي ڌر تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هندو پئنچائت جو اڳوڻو مکي نامون مل زخمي ٿي پيو ،  هاڻوڪي مکي لڌو مل، ڀٽو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪنڌرا ٿاڻي جو گهيراءُ  ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  جڏهن ته پوليس ڪجھه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هندو برادري جي اڳواڻن پوليس مٿان الزام مڙهيندي چيو آهي ته پوليس جوابدار سيد حبدار شاهه کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي  آئي آهي،  پر کيس درجو هڪ مهمان وارو ڏنو ويو آھي ديوان برادري جي اڳوڻي مکي نامون مل پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته  حبدار شاهه گنڊا ساڻ ڪري مون تي ۽ منهنجي ماڻھن تي حملو ڪرايو ۽ زخمي ڪيو آھي ھوڏانھن الزام هيٺ آيل جوابدار حبدار شاھ پنهنجو موقف ٻڌائيندي چيو آهي ته زمين اسان جي آهي جنهن مان غيرقانوني واٽر ڪورس ڪڍيو آهي سيد طاهر شاھ وٽ راڄوڻي فيصلو به ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.