ماٿيلي لڳ اغوا ٿيل ناري آزاد نه ٿي، وارثن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ فتع خان بوزدار جا رهواسين ريحان بوزدار ۽ سندس ڀيڻ ملي بوزدار پريس ڪلب پهچي  صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان ڀيڻ مسمات لڌان کي اسان جي برادري جي بااثر ماڻهن شنگر علي بوزدار، منشاد بوزدار، علي گوهر بوزدار وارا زبردستي اغوا ڪري ويا آهن، جنهن کي 3 سال گذري ويا آهن داد لغاري پوليس اسان جي مدد نه ٿي ڪري، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جي ڀيڻ کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.