گهر ويٺي چَپن کي گلابي ۽ نرم بڻايو رڳو ٻن شين سان!

 

قدرتي گلابي چَپ انسان کي وڌيڪ پرڪشش ۽ خوبصورت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون خوبصورت نظر اچڻ لاءِ جتن ڪنديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو اهي پنهنجي چپن کي گلابي ۽ نرم رکڻ لاءِ به گهٽ ناهن ڪنديون.

پر ڪجهه عورتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي پنهنجي چپن جو وڌيڪ خيال ناهن ڪنديون، سج جي روشني، ڪيفين جي وڌيڪ استعمال ۽ غير معياري شين جي استعمال سان انهن جا چَپ متاثر ٿي پنهنجو اصل رنگ وڃائي ڇڏيندا آهن.

پر انهن کي چَپ نرم ۽ گلابي بڻائڻ لاءِ بازار مان ڪنهن مهانگي پراڊڪٽ جي ضرورت ناهي پر اهي گهر ۾ ئي موجود شين سان پنهنجي چپن کي خوبصورت بڻائي سگهن ٿيون.

شيون:

نرم ۽ گلابي چپن لاءِ توهان کي رڳو ٻن شين هڪ ڪوپ ليمي جي رس ۽ هڪ چمچو کنڊ جي ضرورت پوندي.

تياري:

هڪ ڪوپ ليمي جي رس ڪڍو، ان ۾ هڪ چمچو کنڊ شامل ڪيو، انهن کي آهستي آهستي مڪس ڪيو پر ياد رکو ته رس ۾ کنڊ مڪمل طور جذب ناهي ڪرڻي، ان مرڪب کي پنهنجي چَپن تي لڳايو ۽ آهستي آهستي رَهڙيو، اهو عمل رات جو سمهڻ وقت به ڪري سگهو ٿا ۽ سڄي رات مرڪب چِپن تي لڳل رهڻ ڏيو، صبح جو ڌوئي ڇڏيو.

ان عمل کي 5 کان 6 ڏينهن تائين مستقل ورجايو ته توهان جا چَپ نرم ۽ گلابي ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.