ڪي اليڪٽرڪ کي حڪومت جا 58 ارب فوري واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڪي اليڪٽرڪ کي گردشي قرض جي حڪومت 58 ارب فوري واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاور جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جون اختياريون 2008 ۾ ڪمپني جا گردشي قرض ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيون.

رپورٽ موجب ڪاميٽي جي ميمبرن ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين کي چيو ته ايجنڊا هجڻ باوجود تياري نه ڪري اچڻ فراڊ آهي، ايندڙ اجلاس ۾ چيڪ کڻي اچي ميڊيا سامهون قوم حوالي ڪيو.

ڪاميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ اختياريون 2008 جي گردشي قرضن جا 58 ارب رپيا فوري واپس ڪري، ايندڙ اجلاس ۾ چيڪ کڻي اچن ايسٽ انڊيا ڪمپني نه بڻجن، پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن جو بنياد ئي ڪي اليڪٽرڪ آهي، 2007 ۾ مجموعي گردشي قرض 105 ارب هو جنهن مان 77 ارب ڪي اي جو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.