پوليس جون سڀ ڪوششون ناڪام، اهلڪار جو قاتل ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پوليس اهلڪار کي قتل ڪندڙ خرم ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو.

پوليس اختيارين تصديق ڪئي آهي ته جوابدار پرڏيهي ائير لائن جي اڏام ذريعي استنبول رستي سوئيڊن روانو ٿيو.

پوليس اختيارين موجب جوابدار پاڪستان مان روانگي وقت پنهنجو سوئيڊن جو پاسپورٽ استعمال ڪيو.

واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 5 ۾ خرم نالي شخص جي فائرنگ سان پوليس اهلڪار مارجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.