غذائيت سان ڀرپور ڪارا چڻا ڪيترن ئي بيمارين کان پري رکن ٿا

 

ڪارا چڻا رڳو کائڻ ۾ مزيدار ناهن پر عذائيت سان ڀرپور اها سستي خوراڪ ڪيترن ئي مرضن کان تحفظ به فراهم ڪري ٿي.

ڪارن چڻن جو اسان وٽ استعمال عام آهي، ڀلي چاٽ هجي يا ڀاڄي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اها سستي خوراڪ مزيدار هجڻ سان گڏ صحت لاءِ به وڏي فائديمند آهي.

ڪارن چڻن ۾ غذائيت جي اعتبار سان اهي جُزا وڏي مقدار ۾ هوندا آهن، جيڪي مهانگين غذائن جهڙوڪ مڇي، گوشت، ميون ۽ کير وغيرا ۾ موجود هوندا آهن.

ماهرن موجب چڻن ۾ پروٽين 20 سيڪڙو، آئرن 16 سيڪڙو، فولڪ ايسڊ 6 سيڪڙو، ڪيلشيم 5 سيڪڙو ۽ ڪاربوهائيڊريٽس 27 سيڪڙو آهي، ان کانسواءِ ان ۾ وٽامن اي ۽ سي به موجود آهي.

اچو ته هاڻي ڄاڻون چڻا کائڻ جا فائدا:

جيڪڏهن توهان جسماني طاقت چاهيو ٿا ته ڪارا چڻا کائو، ڇو ته اهي جسم کي فوري طور طاقت فراهم ڪندا آهن، ان ۾ موجود فائبر معدي ۾ هڪ جيل جهڙو مادو پيدا ڪندو آهي، جيڪو قبض جو خاتمو ڪندو آهي، قبض ختم ڪرڻ لاءِ ڪارن چڻن کي رات جو ڀڄائي رکو، صبح جو ادرڪ جو پائونڊر ۽ زيرو وجهي کائو.

انهن ۾ ڪوليسٽرول ۽ سڻڀ جي مقدار ٻڙي هوندي آهي، ڇو ته اهي خشڪ هجڻ سبب ڪوليسٽرول جي مقدار کي جذب ڪري گهٽ ڪندا آهن، اهي شگر ليول کي برقرار رکڻ ۾ به مددگار هوندا آهن.

چڻا رت جي کوٽ جي مريضن لاءِ به ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، انهن ۾ موجود فولڪ ايسڊ ۽ فولاد رت جي ڳاڙهن ذرن کي پيدا ڪري جسم ۾ رت جي کوٽ ختم ڪندو آهي.

ڪارا چڻا مختلف مردن ۽ عورتن جي مرضن لاءِ فائديمند هجڻ سان گڏوگڏ پيشاب جي ساڙي کي به ختم ڪندا آهن.

جيڪڏهن توهان کي وارَ ڇڻڻ جي شڪايت آهي ته ڪارن چڻن کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪيو، اها شڪايت ختم ٿي ويندي، جڏهن ته سَهڪي جا مريض خالي پٽ انهن کي دوا طور کائي سگهن ٿا، کين فائدو ٿيندو.

جيڪڏهن توهان به انهن مسئلن مان ڪنهن مسئلي جو شڪار آهيو ته اڄ ئي پنهنجي خوراڪ ۾ ڪارن چڻن کي شامل ڪيو ۽ فائدا حاصل ڪيو پر ياد رکو ته هر شئي توازن سان ئي فائديمند هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.