ارمينا خان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي

برطانيا ڄائي مشهور پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان تصديق ڪئي آهي ته هن وٽ جلد پهرين ٻار جي پيدائش جو امڪان آهي.

ارمينا خان ٻه سال اڳ 2020 ۾ ويلن ٽائنز ڊي تي ويجهي دوست فيصل خان سان لنڊن ۾ خاموشي سان شادي ڪري ڇڏي.

هن فيصل خان سان 2017 ۾ مڱڻي ڪئي هئي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي ذاتي طور سڃاڻيندا هئا.

هاڻي شاديءَ کي ٽي سال گذرڻ بعد هنن وٽ پهرين ٻار جي پيدائش ٿيڻ واري آهي جنهن جي تصديق اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪئي.

فوٽو اينڊ وڊيو شيرنگ ايپ انسٽاگرام تي اداڪارا پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ ڳورهاري آهي، هن ڪيپشن ۾ لکيو ته هوءَ ۽ سندس مڙس فيصل جلد والدين بڻجڻ وارا آهن ۽ هنن وٽ هڪ نئين زندگي اچڻ واري آهي جڏهن ته ٻار جي پيدائش جي تصديق ڪندي مداحن کان دعا جي اپيل ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Armeena Khan (@armeenakhanofficial)

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.