وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جو خاص اجلاس گھرائي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جو خاص اجلاس گھرائي ورتو آهي.

اجلاس خميس تي صبح جو 9 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن لاءِ سمورن وفاقي وزيرن کي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ پيغام ڏنا ويا.

وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس جو اڃا تائين ايجنڊا جاري ناهي ڪيو ويو پر امڪان آهي ته اجلاس جو ايجنڊا سڀاڻي رات تائين جاري ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم ترڪيا روانگي کان اڳ اهم مقرري تي ڪابينا ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلي جي منظوري ڪرائي ويندي.

ياد رهي ته آرمي چيف جي مقرر کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا جو اجلاس انتهائي اهميت تي ٻڌل آهي، وزيراعظم اجلاس ۾ فيصلن کانپوءِ ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ ترڪيا رواني ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.