لوڪو رننگ اسٽاف جا مطالبا مڃيا وڃن: آل پاڪستان ٽرين ڊرائيور ويلفيئر ايسوسي ايشن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان ٽرين ڊرائيور ويلفيئر ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر امير بخش بلوچ ۽ يونين اڳواڻ محمد عاطف رائو چيو آهي ته لوڪو رننگ اسٽاف جا مطالبا مڃيا وڃن.

پنهنجي گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته لوڪو رننگ اسٽاف پاڪستان ريلوي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، موت جي گهوڙي تي تمام حساس طبقي کي ان جي جائز حق کان محروم رکڻ سمجھه کان ٻاهر آهي.

هنن وزيراعظم پاڪستان، ريلوي جي وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسسٽنٽ ڊرائيورن، ڊپٽي ڊرائيورن ۽ ڊرائيورن کي اسڪيل 14، 15 ۽ 16 ڏنو وڃي، 55 سيڪڙو رننگ الائونس، جيڪو قانون موجب پگهار جو حصو آهي، فوري طور تي ادا ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.