6 سالن جي ٻارڙيءَ جي جبري شادي، عدالت پاران تفصيلي رپورٽ طلب

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت بلوچستان ۾ ڇهن سالن جي ٻارڙي سان جبري شادي جو پاڻمرادو ڪارروائي ڪندي صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ميڊيا رپورٽ موجب چيف جسٽس ڊاڪٽر سيد محمد انور ۽ جسٽس خادم حسين ايم شيخ تي مشتمل وفاقي شرعي عدالت جي بينچ جبري شادي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

بلوچستان جي لا آفيسر واقعي بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ۽ جبري شادي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڀريو ويو.

هن خضدار پوليس ۽ بلوچستان جي سماجي ڀلائي جي کاتي جزوي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ننڍي عمر ۾ شادين بابت ڄاڻايل قانون جي صورتحال کان اڻڄاڻائي ظاهرڪئي.

عدالت لا آفيسر کي هدايت ڪئي ته ان قانون سازي بابت تفصيلي رپورٽ ۽ ان قانون جي مسودي کي ايندڙ ٻڌڻي تي يا ان کان اڳ پيش ڪري. جنهن بعد ٻڏڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.