اومني گروپ اڳوڻي وزيراعظم کي اربين رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اومني گروپ اڳوڻي وزيراعظم کي اربين رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.

عمران خان پاران اومني گروپ جي نيب سان پلي بارگين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ڪاروباري معاملن بابت الزام تي اومني گروپ 9 ارب رپين جي هرجاڻي ۽ غيرمشروط معافي گھڙڻ جو قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.

ليگل نوٽيس ۾ خواجا عبدالغني پاران سندس وڪيلن عمران خان جي اومني گروپ بابت الزامن کي من گھڙت ۽ ڪوڙو قرار ڏنو.

نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران گذريل ڪيترن سالن کان اومني گروپ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاڳاپن تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

اومني گروپ جو موقف آهي ته عمران خان پاران لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ اومني گروپ جي پلي بارگين بابت بيان ۾ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.

نوٽيس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عمران خان ان بيانن تي معافي وٺي ۽ هرجاڻي طور 9 ارب ڏئي ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.