اسلام آباد پوليس طرفان جاري وڊيو ۾ اهم پيغام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير محفوظ ۽ خطرناڪ ڊرائيونگ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ حادثن جي حوالي سان اسلام آباد پوليس آگاهي لاءِ هڪ اهم وڊيو جاري ڪئي آهي.

اسلام آباد پوليس طرفان جاري وڊيو ۾ هڪ بولان گاڏي کي تيز رفتار ڪار طرفان هنيل ڪٽ جي نتيجي ۾ ٻي گاڏي سان ٽڪرجندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو سان گڏ جاري پيغام ۾ اسلام آباد پوليس لکيو ته ڊرائيونگ دوران توهان جي طرفان ڪيل ذري لاپرواهي به ڪيترين ئي زندگين لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي سگهي ٿي، ٽريفڪ قانونن تي عمل محفوظ زندگي جي ضمانت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.