يارهين درجي جي هڪ درسي ڪتاب تي پابندي لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ يارهين درجي جي سماجيات جي ڪتاب تي اعتراض جوڳو مواد هجڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.

ايم ڊي پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڊاڪٽر فاروق منظور جي جاري ٿيل بيان موجب هن يارهين درجي جي سماجيات جي ڪتاب تي اعتراض جوڳو مواد هجڻ جي بنياد تي پابندي مڙهندي پبلشر کي شوڪاز نوتيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پرائيويٽ پبلشر کي اين او سي کانسواءِ سماجيات جو ڪتاب ڇاپڻ تي شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪتاب ۾ معاشرتي تبديلي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ وارن عنصرن بابت اعتراض جوڳو مواد هو. ان کانسواءِ سماجيات پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ۾ به شامل ناهي.

ان لاءِ پنجاب بورڊ جون ٽيمون مارڪيٽ مان ڪتاب کڻي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.