شاهه رخ خان سعودي عرب مان اعزازي ايوارڊ ماڻڻ تي خوش

بالي ووڊ جو ڪنگ شاهه رخ خان کي سعودي عرب جي ريڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ايوارڊ ڏنو ويندو.

شاهه رخ خان کي سعودي عرب پاران ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ سندس خدمتن تي فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ جو اهو اهم ايوارڊ ڏنو ويندو.

رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ اهو اعزازي ايوارڊ ملڻ تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته هو ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول مان اهو ايوارڊ ماڻي ڏاڍو فخر محسوس ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سعودي عرب ۽ ان خطي سان تعلق رکندڙ مداحن ۾ اچي هو هميشا خوشي محسوس ڪندو آهي. هن چيو ته هو ان خطي جي ٽيلنٽ کي ساراهڻ ۽ هتي جي دلچسپ فلمي ڪميونٽي جو حصو بڻجڻ جو انتظار ڪري رهيوآهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.