”گهرو وزير جو بنا سمري جي به آرمي چيف جي مقرري جو بيان خطري جي گهنٽي آهي“

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله جو سمري بنا به نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو بيان خطري جي گهنٽي آهي، سندس بيان مان واضح آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته جيستائين نئين آرمي چيف جي مقرري جو مسئلو حل نٿو ٿئي، سياست ۾ ٺاپر نه ايندي، راڻا ثناءُ الله جو بيان ته بنا سمري جي به نئون آرمي چيف مقرر ڪنداسين خطري جي گهنٽي آهي، سندس بيان مان واضح آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي، سڀ هڪ پيج تي ناهن.

آرمي چيف جي گهر ڀاتين جو ٽيڪس رڪارڊ ليڪ ٿيڻ بابت هن چيو ته پاڻ ئي اثاثن جو رڪارڊ ليڪ ڪرائيندا آهن، پاڻ ئي جاچ جو حڪم ڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.