رينجرز کان مشهوري ماڻيندڙ ناليواري اداڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)هاليووڊ سيريز رينجرز مان مشهوري ماڻيندڙ ناليواري اداڪار جيسن ڊيوڊ فرانڪ آپگهات ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جيسن ڊيوڊ فرانڪ جي مينيجر جسٽن هنٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڻونجاهه سالن جو اداڪار هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو جڏهن ان جي موت جا سبب ناهن ٻڌايا ويا.

سوشل ميڊيا تي اداڪار جي موت جا سبب آپگهات ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته هن پاران کنيل اهڙي قدم جا سبب ظاهر ناهن ٿيا.

ٻئي پاسي هاليووڊ اداڪار جي ڪٽنب ۽ دوستن سندن ذاتي زندگي جي پرائيويسي جو خيال رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.

جيسن ڊيوڊ فرانڪ پاور رينجرز سيريز ۾ ٻارن جي فلم مائٽي مورفن ۾ ٽومي اوليور جي ڪردار سان مشهور هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.