سي ٽي ڊي اهلڪار واپاري جي اغوا ۾ ملوث نڪتا، 3 گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ بدران ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس اهلڪار اغوا جي وارداتن ۾ ملوث ٿيڻ لڳا آهن.

ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ سي ٽي ڊي آفيسر، هڪ ڪانسٽيبل ۽ هڪ جوابدار کي ڪراچي مان واپاري کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب انسپيڪٽر جاويد آڪاش نالي واپاري کي اغوا ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو. جوابدارن وٽان 5 لک رپيا ڀنگ به هٿ ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي پوليس انسپيڪٽر جاويد جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي، جاچ اختيارين موجب جوابدار مغوي کي گاڏي ۾ ويهاري گارڊن ۾ گهمي رهيا هئا.

گرفتار ٿيل انسپيڪٽر پوليس کي پنهنجي شروعاتي بيان ۾ چيو ته آڪاش نالي هڪ واپاري کي ڪوئيٽا ۽ افغانستان ۾ سندس رابطن جي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.