انڊونيشيا ۾ زلزلو، فوتين جو انگ 252 ٿي ويو، ڪيئي مرڻينگ

جڪارته ( ويب ڊيسڪ ) انڊونيشيا جي اولهندي علائقي جاوا جي شهر سيانجور ۾ آيل ڀوائتي زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 252 ٿي ويو  آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب مقامي حڪومت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا اڃا تائين گم آهن جڏهن ته 357 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.

مقامي حڪومت موجب زلزلي ۾ هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.