اعتراض کانپوءِ اڪشي ۽ پريانڪا گڏ ڪم ناهي ڪيو، ڇو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ ۾ اڪثر فلمي جوڙيون گهڻو  مشهور ٿي وينديون آهن ۽ مداحن انهن جوڙن کي گهڻي کان گهڻي فلمن ۾ ڏسڻ چاهيندا آهن.

اهڙي ئي حوالي سان باليووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ۽ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي جوڙي به فلم انداز، مجهه سي شادي ڪروگي ۽ اعتراض کانپوءِ وڏي مشهور ٿي وئي هئي. پر فلم اعتراض کانپوءِ ٻنهي ڄڻن ڪم ناهي ڪيو.

پر ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اهو ڇو؟

ان حوالي سان تازو ئي ڀارتي فلم ڊاريڪٽر ۽ پروڊيوسر سنيل درشن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اڪشي ڪمار پنهنجي گهرواري ٽوئنڪل کنا جي ڪري پريانڪا چوپڙا سان گڏ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.

سنيل فلم برسات جي هدايتڪاري ڪئي هئي، جنهن ۾ شروعاتي طور تي اڪشي ۽ پريانڪا جي ڪاسٽ هئي پر ٽوئنڪل جي خدشن جي ڪري اڪشي ڪمار ان فلم کان دستبردار ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.