عمران خان پنهنجو خير گهري، باقي زندگي جيل ۾ گذاريندو: شرجيل ميمڻ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين عمران خان طرفان ملڪ ۾ پکيڙيل بحراني ڪيفيت ختم ٿي ويندي.

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته جعلي لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو ۽ ان جي حيثيت عوام جي عوام کي خبر پئجي وئي، پرويز الاهي به اعتراف ڪري چڪو ته لانگ مارچ ختم ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته عمران خان قوم کي گهڙي چوري، ڪڻڪ چوري، کنڊ چوري، مني لانڊرنگ جهڙا وڏا سرپرائز ڏنا، هاڻ 26 نومبر تي ڪهڙو سرپرائز ڏيندو؟

سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجو خير گهري، هو اليڪشن ڪميشن مان نااهل ٿي چڪو آهي، هاڻ توشا خانا جي بدعنوانين کان به نه بچي سگهندو، لڳي ائين ئي ٿو ته تاحيات نااهل ٿيندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پريشر ڪُڪر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن بدعنوانين جي ڪيسن کان بچي سگهي، سندس باقي زندگي عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ ۽ جيل ۾ گذرندي، چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ اتحادي حڪومت مدو پورو ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.