پاڪستان ۾ 44 لک موبائيل سمز بلاڪ، سبب ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سال 2020 کان 2022 تائين 4395566 سمز جي سڃاڻپ ڪري انهن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جن تي گري ٽريفڪنگ ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي.

گري ٽريفڪ بنيادي طور تي ايندڙ عالمي ٽيلي فون ڪالز کي لڪائڻ آهي جيڪي فڪسڊ ۽ موبائيل نيٽ ورڪس تي غيرقانوني چينلز ۽ ٻيا ذريعا استعمال ڪري ٽيڪسن ۽ ليويز کان بچڻ لاءِ ڪيون وڃن ٿيون.

پي ٽي اي گري ٽريفڪ ۾ ملوث شڪي سمن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ انٽرنيشنل انڪمنگ ڪالز جي ٽريفڪ ڊيٽا جو باقاعده تجزيو ڪيو.

انهن سمن جو پتو لڳائڻ تي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت تائين 2020 کان 2022 تائين 4,395,566 سمن جي سڃاڻپ بعد انهن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.