ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي نواڻ نه ٿيڻ گهرجي: ڪامران ٽيسوري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي نواڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ واپارين سان خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي نواڻ نه ٿيڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ سبب سڄو شهر پريشان آهي، ائين نه ٿئي جو گورنر رنڊڪ بڻجي وڃي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي، ان جي لائسنس جي نواڻ نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.