ڪهڙا شهري پوليس ۾ ڀرتي نٿا ٿي سگهن؟ عدالت جو فيصلو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت پوليس ۾ ڪرپشن ۽ فوجداري ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن جي ڀرتين کي غير قانوني قرار ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ فوجداري ڪيسن ۾ پوليس کاتي ۾ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس چوڌري محمد اقبال 14 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته رشوت ۽ فوجداري ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي پنجاب پوليس ۾ ڀرتي نٿو ڪري سگهجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ فوجداري ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي اسپيشل برانچ ۾ ڀرتي نه ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.

عدالت درخواستگذار جي درخواست رد ڪندي پوليس جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته پنجاب پوليس ۾ ڀرتي لاءِ اميدوار جو ڪردار بي داغ هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.