هن خوبصورت علائقي ۾ رهڻ تي اوهان کان مسواڙ نه ورتي ويندي، ابتو پيسا ڏنا ويندا !

روم (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان اتلي ۾ رهائش جو خواب ڏسو ٿا ته اها خواهش پوري ٿي سگهي ٿي ۽ اوهان کي لکين رپيا به ملي سگهن ٿا

اٽلي جي علائقي پريسيز ۾ اچي رهڻ وارن کي 30 هزار يورو يعنيٰ 69 لک پاڪستاني رپيا ڏيڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

ڏکڻ اٽلي جي خطي پوليا ۾ واقع هن علائقي کي سٽي آف گرين گولڊ به چيو وڃي ٿو جنهن سبب اتي زيتون جي پوکي ٿئي ٿي.

هن علائقي ۾ اچي رهندڙ ماڻهن کي گهر جي خريداري ۽ هتي مستقل رهائش لاءِ 30 هزار يورو ڏنا ويندا.

ان جو سبب اتي آبادي ۾ آيل کوٽ آهي جيڪا اٽلي جي مختلف حصن ۾ عام مسئلو آهي.

جيئن اٽلي جي ٻيٽ سارڊينيا طرفان اتي اچي رهندڙ ماڻهن کي 15 هزار يورو ڏنا پيا وڃن.

پريسيز جي هن آڇ مان فائدو وٺڻ لاءِ اتي هڪ گهر کي خريد ڪرڻو پوندو ۽ اتي مستقل رهائش وٺڻ ضروري هوندو.

30 هزار يورو جي رقم مان گهر خريد ڪرڻ سان گڏوگڏ ان کي ٺهرائڻو به پوندو.

مقامي عملدارن موجب هن علائقي ۾ ڪيترائي گهر خالي آهن جن کي اسان آباد ڪرڻ چاهيون ٿا.

سٺي ڳالهه اها آهي ته اتي هڪ مناسب اتي هڪ مناسب گهر 25 هزار يورو ۾ خريد ڪرڻ ممڪن آهي.

ان حوالي سان هڪ ويب سائيٽ تي تفصيل جاري ڪيا ويندا.

هن ڳوٺ جي آبادي 9 هزار آهي ۽ هن ۾ واڌ سبب پبلڪ فنڊز ملي سگهندا.

اختيارين کي اميد آهي ته هن پروگرام سان ڳوٺ جي رونق بحال ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.