”نواز ۽ زرداري ڀرپور ڪوشش ڪئي پر عمران خان جي ڪري مارشل لا نه لڳو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ جيڪڏهن مارشل لا ناهي ته عمران خان سبب ناهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري ڀرپور ڪوشش ڪئي، ڇو ته اهي چونڊون نٿا کٽي سگهن.

لاهور جي زمان پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف کي ڪير ٻاهر کان سڏ به ڪري ته ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو آهي پر هاڻ هو ٻاهر ئي نه پيو نڪري.

هن چيو ته اسان جو ميڙاڪو 26 نومبر تي آهي، اقبال پارڪ ۾ 25 کان 30 هزار ماڻهن لاءِ خيما وسندي ٺاهي ويندي.

سندس موجب اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ استحڪام لاءِ چونڊون ٿين، 26 نومبر جو ميڙاڪو اهو يقيني بڻائيندو ته اسان هن حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.