شان شاهد به شوٽنگ دوران جن ڏٺا، حيرت جوڳو واقعو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شان شاهد پاڪستاني فلم انڊسٽري جو سڀ کان وڏو سپر اسٽار بڻجي ويو آهي.

جيتوڻيڪ فلمن جي مواد تي بحث ٿي سگهي ٿو پر هن 500 کان وڌيڪ پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي .

حقيقت اها آهي ته هو واحد اسٽار آهي جيڪو ڪم ڪرڻ ۽ فلمن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڪندو رهيو آهي، ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

شان هڪ ايڪشن سان ڀريل فلم ضرار سان ٻيهر واپس آيو آهي ۽ سندس فلم 25 نومبر 2022 تي رليز ٿي رهي آهي.

شان شاهد ۽ ضرار جي ٽيم اڄڪلهه پروموشن ۾ رڌل آهي ۽ اسان کي فلم جي شوٽنگ بابت ڪيتريون ئي دلچسپ حقيقتون معلوم ٿيون آهن.

ضرار کي نه رڳو پاڪستان پر ترڪي ۽ لنڊن ۾ به شوٽ ڪيو ويو آهي

شان جڏهن پاڪ افغان بارڊر تي شوٽنگ ۾ رڌل هو ته هن غيبات ڏٺي.

شان شاهد ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڀوائتي ڪمري ۾ ترسيو هو جتي هن روحن کي ڏٺو.

شان ڪمري ۾ اڪيلو هو ۽ صبح جي وقت هن جنن کي ڏٺو، اهڙو اظهار هن هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.