ميوزڪ ٽيچر قبول ناهن، سنڌ جي اسڪولن ۾ اسلامي تعليم ڏني وڃي: راشد محمود سومرو

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر (موسيقي جي سکيا ڏيندڙ) جي ڀرتين واري فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪمران اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن يا اولهه جي پرچار ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن به صورت ۾ اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تعليم کاتو سنڌ ۾ قرآن ٽيچر، عربي ٽيچر ۽ اسلاميات ٽيچرز جون ڀرتيون روڪي ميوزڪ ٽيچرس جون ڀرتيون ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل قبول ڪرڻ جوڳو ناهي.

راشد محمود سومرو چيو ته آئون پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪئي آهي ته اُهو سنڌ سرڪار تي زور ڀري ته جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي نه ٿين اهو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت رد عمل ڏينداسين.

هن سنڌ تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جي به مخالفت ڪندي چيو آهي ته پروگرامن ۾ سازش تحت نياڻين کي ڊانس ڪرائي وڃي ٿي، اِها سنڌ ۽ اسلام جي نه پر اولهه جي تهذيب ۽ ثقافت آهي.

واضح رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ڪجهه عرصو اڳ ميوزڪ جي سکيا لاءِ تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.