جي ايس ايل سنڊي سپر ليگ: اسٽار اليون هٿان رائزنگ اسٽار کي شڪست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي ايس ايل سنڊي سپر ليگ سيزن ون جي ڪوارٽر فائنل ۾ اسٽار اليون، رائزنگ اسٽار کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ رائزنگ اسٽار ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سڄي ٽيم 12.2 اوورن ۾ 111 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

رائزنگ اسٽار جي احمد زهري 14 بالن تي 34 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته اسٽار اليون جي راجا آفاق 15 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب ۾ اسٽار اليون گهربل هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.

فاتح ٽيم طرفان حسين سليم 20 بالن تي 41 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته راجا آفاق 17 بالن تي ناقابل شڪست 27 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.