پاڪستان جو دورو ڪندڙ انگلش ٽيم پنهنجو بورچي به گڏ وٺيون ايندي!

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ انگلش ٽيم پنهنجو بورچي به ساڻ آڻيندي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ڊسمبر ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ انگلش ٽيم 27 هين نومبر تي پاڪستان ايندي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب بين اسٽوڪس جي قيادت ۾ ايندڙ ٽيم پنهنجو بورچي به ساڻ وٺيون ايندي جڏهن ته انگلش ٽيم سان گڏ ايندڙ شيف اهو ئي شيف آهي جيڪو 2018ع واري فيفا ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي مينز فٽبال ٽيم جو شيف هو .

ميڊيا رپورٽن موجب انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پهريون ڀيرو پرڏيهي دورو ڪرڻ تي ٽيم لاءِ هڪ شيف کي رکيو آهي.

رپورٽ موجب 2019ع ۾ نيوزيلينڊ جي دوري دوران انگلش ٽيم جي ڪرڪيٽر جيڪ ليچ فوڊ پوائزن جو شڪار ٿي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ کيس اسپتال منتقل ڪرڻو پئجي ويو هو.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچن دوران انگلش ڪرڪيٽر معين علي ڪراچي ۽ لاهور جي کاڌن بابت ڳالهايو هو جنهن دوران هن لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جي کاڌن جي تعريف ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.