ڪين وليمسن ڪوهلي جا ڳُڻ ڳائڻ لڳو، بابر نه وڻيس!

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته کيس پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جا يارڪرز پسند آهن.

ڪرڪ انفو کي ڏنل انٽرويو دوران ڪيوي ڪپتان کان سوال ڪيو ويو ته کيس آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ۽ شاهين آفريدي مان ڪهڙي بالر جا يارڪرز پسند آهن ؟ هن جواب ڏيندي چيو ته ٻنهي جي يارڪرز ۾ هڪجهڙائي آهي ۽ هن شاهين کي وڌيڪ بهترين بالر قرار ڏنو.

مزاح ۽ تفريح سان ڀرپور انٽرويو ۾ ڪين وليمسن کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته هو فون ۽ ڪيچ مان ڪهڙي شيءِ کي ڪيرائڻ کي ترجيح ڏيندو ته هن بنا ڪنهن هٻڪ جي جواب ڏيندي چيو ته مان فون ڪيرائڻ کي ترجيح ڏيندي ڇو جو ڪيچ ڇڏڻ برو لڳندو اٿم.

ڪيوي ڪپتان کان ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا ۽ سوريه ڪمار ياديو جي شاٽس بابت به پڇيو ويو جنهن هن سوريه ڪمار ياديو جي اسڪوپ شاٽس جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي.

ڀارتي بالر عُمران ملڪ ۽ پاڪستاني بالر حارث رئوف بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ٻنهي مان تيز بالر ڪير آهي پر هو ٻئي بهترين ۽ تيز بالر آهن.

ڪين وليمسن کان سوال ڪيو ويو ته ورات ڪوهلي ۽ بابراعظم مان ڪنهن جي ڪور ڊرائيو پسند آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ هو ٿورو ٻڏتر جو شڪار نظر آيو ۽ پوءِ چيائين ته کيس ڪوهلي جي ڪور ڊرائيو وڌيڪ پسند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.