” هر ڪو پڇي ٿو شادي ڪڏهن ڪندين؟ مان ته اڃا ٻار آهيان“

پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن علي ۽ شاداب وچ ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار علائقائي ٽورنامينٽ قائد اعظم ٽرافي جي ميچ دوران حسن علي ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي هڪ تصوير اپلوڊ ڪندي لکيو ته مهرباني ڪري مون کي به ٻڌايو ته اوهان ٻئي ڪهڙي معاملي بابت ڳالهائي رهيا آهيو جو بابر اعظم جا تاثر ئي تبديل ٿي ويا آهن؟

ان جي جواب ۾ فاسٽ بالر حسن علي مزاحيه انداز ۾ تبصرو ڪندي چيو ته اسان ٻئي شاداب خان جي شادي بابت ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهيون، بابر چئي رهيو آهي ته اها ناهي ٿيڻي.

حسن علي جي ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ شاداب خان لکيو ته اوهان ٻنهي کي لڳي ٿو ته مان وڏو ٿي ويو آهيان، سڀ مون کان شادي بابت سوال ڪندا آهن، اڃا مان ٻار آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.