ڪراچي: پوليس اهلڪار کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪنهن جو پٽ آ؟ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جو پٽ نڪتو.

ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار خرم نثار جو اباڻو گهر ڊفينس فيز 5 ۾ واردات واري هنڌ ڀرسان آهي، پوليس جوابدار جي گهر تي ڇاپو هڻي هٿيار ۽ دستاويز هٿ ڪيا، جڏهن ته چوڪيدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

عرفان بلوچ ٻڌايو ته جوابدار نثار زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ سوئيڊن جو مستقل رهواسي آهي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ فيملي سان گڏ فيصل آباد ۾ رهي ٿو، واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي گهر ڇڏي جوابدار ٻي گاڏي ۾ فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته گهر مان مليل هڪ پسٽل جي فرانزڪ ڪرائي ويندي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گهران هڪ پاسپورٽ جي ڪاپي به هٿ آئي آهي، جوابدار جنهن گاڏي ۾ فرار ٿيو ان جي ڳولا جاري آهي ۽ سندس دوستن جي گهرن تي به ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس موجب ايئرپورٽن تي به جوابدار جون تصويرون ۽ سفري دستاويزن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.